اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ڪرنٽ ??ڪائونٽ ??ساري ۾ نمايان گهٽتائي حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته حڪومت کي شروع ۾ ئي پرڏيهي ناڻي جي گهٽ ذخيرن جو مسئلو درپيش هو، آمدني واپار تي پرڏيهي ناڻي جو ڪاٿو روانگي واپار ??ان ٻيڻ کان به وڌيڪ هو، ان جي ڪري ڪرنٽ ??ڪائونٽ ??سارو 20 ارب جي لڳ ڀڳ پهچي ويو هو، حڪومت ان ڏس ۾ ٺوس قدم کنيا، روانگي واپار ۾ اض??في جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، حڪومت جي ڪوششن سان ڪرنٽ ??ڪائونٽ ??سارو 20 ارب ڊالر مان گهٽ ٿي 3 ارب ڊالر جي سطح تي آندو ويو، اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي.