اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد حسين چوڌري چيو آهي ته صحافت جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ ضرورت آهي، سمورن صوبائي اسيمبلين کي يوٽيوب چئلنز شروع ڪرڻ گهرجن، پرنٽ ميڊيا کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن، عوام جي خوشحالي لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ضروري آهي، نيب حڪومت جي انتظام هيٺ نا??ي، پنجاب حڪومت نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جي جاچ ڪندي، اطلاعات واري وزارت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي ڏسي خوشي ٿي، ميڊيا ٽريننگ ورڪشاپ ۽ ان کان??وء?? ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي ڏسي خوشي ٿي،جن ستن نڪتن تي مون ڪم ڪيو هو هاڻي به اهي هلي رهيا آهن، هن تجويز پ??ش ڪئي ته صوبائي اسيمبلين کي يوٽيوب چئنلز شروع ڪرڻ گهرجن، عوام اسيمبلين جي ڪارروائي ۽ قانونسازن جي ڪارڪردگي ڏسي سگهندي، هن چيو ته اسان جمهوريت سان فاشزم جو رستو ر??ڪڻو آهي ته ان ۾ صحافين جو ڪردار اهم آهي.