ڪراچي – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچنيج خطي ۾ سڀ کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي، جيڪو ملڪ جي مجموعي معاشي واڌ جي عڪاسي ڪري ٿو، افغانستان ۾ امن ۽ نئين سر تعمير جي آ??از سان پاڪستان جي سيڙپڪارن ۽ تعميراتي صنعت لاءِ موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچ??نج جي دوري جي موقعي تي ڪيو، صدر کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچ??نج جي ڪارڪردگي ۽ معاملن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي.