اسلام آباد – 30 س??پٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته افغان تڪرار جو فوجي حل ناهي ۽ سياسي ڳالهيون ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهن، افغان قيادت کي ان مسئلي جي سياسي حل جي لاءِ ان تاريخي موقعي مان فائدو وٺڻ گهرجي، پاڪستان افغانستان جي مستقبل جي حوالي سان افغان قوم جي فيصلي سان گڏ بيٺل هوندو. افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار کي عالمي برادري ساراهيو، دوها ۾ بين الاافغا?? ڳالهين جو آغاز هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي قومي مصالحتي هاءِ ڪ??ئونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس هتي ملاقات ڪئي،