اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سعودي ولي ??هد شهزادي محمد بن سلمان جو دورو هڪ گيم چينجر ۽ منفرد نوعيت جو آهي، وزيراعظم پاڻ ايئرپورٽ تي سعودي ولي ??هد جي آجيان ڪندي، سعودي عرب طرفان پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي، وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو مفاهمتي ڪردار آهي، پرڏيهي پاليسي ۾ اسان کي وڏيون ڪاميابيون مليون آهن. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سعودي عرب جي ولي ??هد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري جي حوالي ??ان تيارين جا تفصيل ۽ نق??ا طئي ڪيا ويا.