اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر معذور ماڻهن لاءِ خصوصي ??ارلياماني ڪميٽي جي قيام ۽ هر ممڪن حد تائين قانونسازي ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اصل هيرو ته اهي ماڻهو آهن جيڪي بنا ڪنهن لالچ جي معذور ۽ معاشري جي ڪمزور ماڻهن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پارليامينٽ خصوصي ??اڻهن کي ??ايوس نه ڪندي. پارليامينٽ هائوس ۾ خصوصي ??اڻهن جي حوالي سان عالمي سطح تي ??لهائجندڙ ڏينهن جي مناسبت سان تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر چيو ته ان تقريب جي انعقاد جو بنياد منهنجي ڌيءَ ظله بني آهي.