اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته باباءِ قوم محمد علي جناح اهو عظيم اڳواڻ هو جنهن پنهنجي بصيرت ۽ دورانديشي سان ننڍي کنڊ جو نقشو بدلائي اسان کي هڪ آزاد ملڪ ڏنو، اڄ اسان کي مستقبل جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ان جي فرمانن ”اتحاد، ايمان ۽ تنظيم“ کي بني??دي اصول طور اختيار ڪرڻ?? پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم جي جنم ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، ??در چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان جي ملڪ جي تاريخ ۾ خصوصي اهميت رکندڙ آهي اهو ڏينهن ان عظيم قائد جو جنم ڏينهن آهي، جنهن ننڍي کنڊ جو نقشو بدلائي ڇڏيو ۽ اسان کي پاڪستان جي نالي سان هڪ آزاد ملڪ عطا ڪيو.