لاهور – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڳ??ڻي?? حڪومتن جي غلط قدمن جي ڪري حڪومت کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا، ماضي جي حڪمرانن پنهنجي ٻارن جو سوچيو عوام جو نه ۽ اهڙا فيصلا ڪيا جن جو نتيجو اڄ عوام کي ڀوڳڻو پئجي ر??يو آهي، ماضي ۾ مسئلن کي ڪارپيٽ جي هيٺان لڪايو ويو، بلن ۾ اضافو هڪ مشڪل فيصلو آهي، هاڻي معيشت بهتر ٿي ر??ي آهي ۽ ملڪ ترقي طرف گامزن آهي. هو لاهور پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس ۾ ڳالهائي ر??ي هئي.