اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اٽي ۽ کنڊ بحران جي انڪوائري ڪندڙ ڪميشن کي ڌمڪين ۽ بلوچستان ۾ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي سان اڻوڻندڙ رويي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي باور ڪرايو ته اٽي ۽ کنڊ بحران جي 25 اپريل جي فرانزڪ رپورٽ ۾ سفارشن موجب ايڪشن ۽ نظام ۾ موجود خاميون ??تم ڪيون وينديون، وزيراعظم پاڪستاني عوام کي يقين ڏياريو ته احساس پروگرام ۾ سياسي صوابديد نه آهي، هر اهو شخص جيڪو حقدار آهي ان کي انصاف ۽ ميرٽ جي بنياد تي حق پهچايو پيو وڃي، وفاقي ڪا??ينا ڪڇي ڪينال انڪوائري ايف آءِ اي کان واپس وٺي نيب جي حوالي ڪرڻ، ڪا??ينا جي توانائي بابت ڪميٽي جي اجلاس جي فيصلن، يونيورسل سروس فنڊ ۾ وڌيڪ ضلعن کي شامل ڪرڻ، اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي نئين سر تنظيم سازي جي لاءِ ٽاسڪ فورس جي تجويزن، اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي عمارتن کي فلاحي ڪمن لاءِ استعمال ڪرڻ، احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جي لاءِ ڪيش وصولي جون ??ايون 15 هزار ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته وزيراعظ?? خاص معاون ??هزاد اڪبر کي کنڊ ۽ ڪڻڪ جي حوالي سان انڪوائري رپورٽ کي ڪا??ينا آ??و پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.