اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي ??ي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ سڄي م??ڪ جي اسپتالن ۾ 1227 آڪسيجن بيڊز فراه?? ڪيا ويا آهن. من??وبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽرين پاران سمارٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان تازي صورتحال، ذاتي تحفظ جي اوزارن (پي پي ايز) ۽ ماسڪ جي فراهمي، ڪورونا وبا جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ اسپتالن ۾ ”ريمپ اپ پلان“ جو جائزو ورتو ويو. اين سي او ??ي ??ي ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪورونا وائرس جي مريضن جي بهتر علاج جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي هيستائين سڄي م??ڪ جي مختلف اسپتالن ۾ وڌيڪ 1227 بستر شامل ڪيا ويا آهن.