وانا – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ وزيرستان ۾ ٿري جي ۽ فور جي انٽرنيٽ سروس کولڻ جو ??علان ڪندي چيو آ??ي ته دهشتگردي ۾ قبائلي ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي اولي?? ترجيح آهي، قبائلي ضلعن ۾ اسڪول، ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ٺاهينداسين، ڏکڻ وزيرستان جي عوام جي لاءِ تعليم ۽ روزگار وڏا چئلينج آهن، عوام کي علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ ڏينداسين، قبائلي علائقن ۾ زيتون جي پوک جو ??نقلاب آڻي رهيا آهيون، احساس پروگرام تحت غريب ۽ مستحق ماڻهن کي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي، ڀارتي حڪومت پاڪستان ۾ مسلسل انتشار پکيڙڻ جي پويان آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جو فلسفو آ??ي ته پوئتي پيل طبقن ۽ پسمانده علائقن کي ترقي ڏني وڃي، وقت ثابت ڪندو ته قبائلي علائقن جي انضمام جو فيصلو بهترين فيصلو هو. اهڙن خيالن جو ??ظهار وزيراعظم عمران خان ڪامياب جوان پروگرام تحت چيڪ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.