اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان دنيا ۾ غربت ۽ تنگدستي جي خاتمي لاءِ پنج نقاطي ايجنڊا پيش ڪندي چيو آهي ته پائيدار زرعي بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري، زرعي ۽ خوراڪ جي مصنوعات جي لاءِ مناسب ۽ منصفاڻي قيمتن کي يقيني بڻائڻ، خوراڪ جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ مهارتون اختيار ڪرڻ، زراعت ۽ صنعتي شعبن ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ خوراڪ جي کپت ۽ پيداوار جي طريقن تي نظرثاني جي ضرورت آهي، ا??ان کي مستقبل جي چئ??ينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ منصوبابندي ڪرڻي پوندي، دنيا کي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ دوران مختلف چئ??ينجز درپيش آهن، يا ته ا??ان گڏ ختم ٿي وينداسين يا پوءِ گڏجي چئ??ينجز مان ڪامياب ٿي نڪرنداسين، آبادگارن کي ڪارپوريشنز جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي، پاڪستان ۾ زرعي شعبي جي لاءِ فنڊز ۾ ٽيڻ تي اضافو ڪيو ويو آهي، سي پيڪ ۾ زرعي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي ڪم کي پڻ شامل ڪيو آهي، پاڪستان جي حڪومت پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ کي پنهنجي ترجيح بڻايو آهي، ڪورونا وبا ?? احساس پروگرام ذريعي مالي مشڪلاتن جي باوجود غريب خاندانن کي مالي معاونت فراهم ڪئي آهي، ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ 10 ارب وڻ لڳائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن زرعي ترقي بابت عالمي فنڊ جي گورننگ ڪائونسل جي اجلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته زراعت انساني بقاءَ جي لاءِ اهميت رکي ٿي، زرعي ترقي بابت عالمي فنڊ اسرندڙ ملڪن ۾ زرعي پيداوار وڌائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، اڄ دنيا کي زرعي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، دنيا جي آبادي جلد ئي 8 ارب تائين پهچي ويندي جڏهن ته 60 ڪروڙ ماڻهو انتهائي غربت جو شڪار ٿي سگهن ٿا، 20 کان وڌيڪ ملڪن کي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو آهي، خوراڪ جي عالمي اداري ڪجهه غريب ترين ملڪن ۽ انتشا?? جو شڪار علائقن ۾ ڏڪار جي خطري کان خبردار ڪيو آهي. هن چيو ته دنيا کي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي جي شروعاتي ٻن هدفن غربت ۽ تنگدسي جي خاتمي جي حوالي ??ان مختلف چئ??ينجز درپيش آهن، ان سلسلي ۾ مالي وسيلن ۽ سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي، واپاري مسئلا، پيداوار ۽ کپت جا غيرروايتي طريقا، زرعي زمين ۽ ٻيلن ۾ گهٽتائي، پاڻي جو بحران، حياتياتي تنوع جو نقصان ۽ آلوده درياءَ ۽ سمنڊ جهڙا مسئلا آهن. هن چيو ته ا??ان کي مستقبل جي پنهنجي ويزن ۾ انقلاب آڻڻ جي ضرورت آهي، ڪورونا وبا ?? موسمياتي بحران جي حوالي ??ان امير هجي يا غريب، ڪمزور هجي يا طاقتور سڀني کي اهو پيغام وڃڻ گهرجي ته انهن جو مقدر پاڻ ۾ ڳنڍيل آهي، ا??ان يا ته گڏ ختم ٿي وينداسين يا پوءِ گڏجي ڪامياب ٿي چئ??ينجز مان نڪرنداسين. هن چيو ته علائقائي يا عالمي تسلط، غيرملڪي مداخلت ۽ قبضي جي سياسي فائدن ۽ ماڻهن تي ظلم ۽ ڏاڍ جي حوالي ??ان جاگرافيائي ۽ اسٽريٽجڪ رڪاوٽن جو تصور پري ناهي رهيو ۽ شيون جلد ئي اڻ لاڳاپيل نظر اينديون.