اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) نجڪاري و??ري وفاقي و??ير ۽ نجڪاري بورڊ جي چيئرمين محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ ڇنڇر ڏينهن اجلاس ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو جائزو ورتو ويو. نجڪاري و??ري و??ارت مان جاري بيان موجب نجڪاري و??ري وفاقي و??ير محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ نجڪاري ڪميشن هفتيوار جائزي اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري و??ي وفاقي سيڪريٽري حسن ناصر جامي، نجڪاري و??ري ايڊيشنل سيڪريٽري خاقان بابر سميت اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وفاقي و??ير کي نجڪاري لسٽ ۾ شامل مختلف ادارن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني و??ي ۽ نجڪاري جي سلسلي ۾ درپيش مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي عمل جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سروسز انٽرنيشنل هوٽل، هيوي اليڪٽريڪل ڪمپليڪس، گُڊو ۽ نندي پور پاور پلانٽس، جناح ڪنوينشن سينٽر، فرسٽ ويمن بئنڪ ۽ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ سميت ٻين ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان هيستائين اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.