اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان پاڪستان تحريڪ انصاف جرمني جي صدر طارق جاويد ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، جرمني ۾ رهندڙ پرڏيهي پاڪستانين جي مسئلن جي حل جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستاني ا??ان جو قيمتي ا??اثو آهن، انهن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اول??ن ترجيحن ۾ شامل آهي. ٻاهرين ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين عمران خان تي ا??تماد ڪندي رڪارڊ پرڏيهي ناڻو پاڪستان موڪليو آهي ۽ پرڏيهي پاڪستاني روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن.