اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معيشت جي استحڪام لاءِ صنعتي ت??قي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت روانگي واپار وڌائڻ لاءِ صنعتن کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي جنهن سان نه رڳو واپ??ري خسارو گهٽ ٿيندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو، پر ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ٽيڪس جي نظام جي بهتري لاءِ سڌارا ج??ري آهن، سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت سان ان عمل ۾ تيزي ۽ بهتري ايندي جڏهن ته ملڪ جي سموري وڏن صنعت ۽ واپار جي ايوانن حڪومت جي ڪاروب??ري دوست پاليسين ۽ ڪاروب??ري ۾ آساني لاءِ کنيل قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪاروب??ري برادري جي مشاورت سان ٽيڪس روينيو وڌائڻ جي حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان سان ملڪ جي وڏي چيمبر آف ڪامرس جي صدر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جو واپار ۽ سيڙپڪ??ري بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر کانسواءِ لاڳاپيل عملدار به موجود هئا، جڏهن ته ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيو. ملاقات واپار و??ري وزارت طرفان شروع ڪيل حڪومت ۽ ڪاروب??ري برادري جي وچ ۾ تجويزن جي مٽاسٽا ۽ حڪومتي پاليسين تي آگاهي وڌائڻ جي سلسلي جي ڪڙي آهي. ملاقات ۾ وفاق ايوان صنعت ۽ واپار جو صدر سان گڏوگڏ ڪراچي، لاهور، سرحد، ڪوئيٽا، گجرانوالا، سيالڪوٽ، فيصل آباد، گجرات، ملتان، سرگوڌا، گوادر، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي چيمبرز جا صدر ۽ نائب صدر به موجود هئا. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم ۽ سندس معاشي ٽيم کي ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود ملڪ ۾ ڪامياب معاشي پاليسين جي ڪري تقريبن 4 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ، وڏين صنعتن جي واڌ جي شره ۾ 15 سيڪڙو تائين اضافي، برآمدي صنعت لاءِ سهولتن ۽ رڪاوٽن جي ازالي، اسٽيٽ بئنڪ جي وچولي ۽ ننڍين صنعتن لاءِ مراعتن (جنهن ۾ مشينري لاءِ ق??ض شامل آهن) ۽ ڪاروب??ري برادري کي ازبڪستان جي واپ??ري صلاحيت مان فائدو کڻڻ لاءِ انهن سان گڏ رکڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان کانسواءِ ٽيڪس روينيو ۽ روانگي اوپار ۽ ٻاهرين ملڪن مان مٽاسٽا جو ناڻي ۾ اضافي تي وزيراعظم کي مبارڪباد پيش ڪئي، شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي پهريون ڀيرو ڪاروب??ري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ انهن جون تجويزون سڌيون سنئيون ٻڌڻ جي ان قدم کي به ساراهيو ۽ ماضي ۾ ان طرح جي ڪنهن قدم جي موجودگي نه هجڻ جي ڪري حڪومت ۽ ڪاروب??ري برادري جي وچ ۾ موجود ويڇي سان ملڪ ۾ ڪاروبار جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جو به ذڪر ڪيو. شرڪت ڪندڙن اجلاس ۾ ان ڳالهه جو به اظهار ڪيو ته ڪاروب??ري برادري ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ ٽيڪس نظام ۾ سڌارن لاءِ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندي. وزيراعظم ملڪيم عيشت جي مضبوطي لاءِ صنعتي ت??قي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته حڪومت برآمدات وڌائڻ لاءِ صنعتن کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي جنهن سان نه رڳو واپ??ري خسارو گهٽ ٿيندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو پر ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪس جي نظام جي بهتري لاءِ سڌارا ج??ري آهن، سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت سان ان عمل ۾ تيزي ۽ بهتري ايندي. وزيراعظم وفاقي وزيرن کي اسٽيڪ هولڊرز سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ ۽ انهن جون تجويزون ۽ مسئلا ٻڌڻ لاءِ باقاعدگي سان ملاقاتن جي هدايت ج??ري ڪئي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سياحت جي صنعت جي ت??قي لاءِ لائحه عمل، زراعت جي ت??قي لاءِ جامع ايگريڪلچرل پلان ۽ صنعتن کي مراعتون ۽ سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون، موجوده حڪومت صنعتڪارن ۽ ڪاروب??ري برد??ري کي سهولتون فراهم ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو ڌيان هاڻي مشاورت سان مسئلن جي حل لاءِ ڪوششن تي ڏئي رهي آهي.