اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي اٺين صوبي تي طالبانن جي قب??ي کانپوءِ افغانستان ۽ آمريڪي عوام کي افغانستان جي موجوده حڪمرانن جي سامهون سوال رکڻ گهرجي ته آخر افغانستان کي ڏنل 2 هزار ا??ب ڊالر زمين کائي وئي يا آسمان ڳ??ي ويو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايترا پئسا لڳڻ کانپوءِ افغان فوج پنن وانگر ڇو وکري رهي آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان جي عو??م غربت ۾ پيسجي رهي آهي پر افغانستان جا سياستدان ۽ جرنيل ارب پتي آهن، انهن سڀني جا ٻاهرين ملڪ اربين روپين جا اثاثا آهن، ڪرپشن ڪهڙي طرح قومن کي غرق ڪري ڇڏيندي آهي، افغانستان ان جو مثال آهي.