اسلام آباد – 13 سيٽپمبر(اي پي پي) افغانستان ۾ نئين حڪومت جي قيام کانپوءِ پي آئي اي جي پهرين معم??لي جي اڏام اسلام آباد کان ڪابل ۽ واپس ا??لام آباد پهچي وئي. قومي ايئر لائن جي ترجمان عبدالله خان طرفان جاري پڌرائي مطابق پي آئي اي جو بوئنگ 777 جهاز ??ي ڪي 6249 مقامي وقت مطابق 9:45 تي اسلام آباد کان ڪابل پهتو ۽ سومر جي ٻنپهرن 12 لڳي 2 منٽ تي واپس ا??لام آباد پهچي ويو. پي آئي اي جو چيف آپريٽنگ آفيسر ايئر ڪموڊور جواد ظفر سي اي او پي آئي اي جي نمائندي جي حيثيت سان پاڻ جهاز ۾ سوار هو. ڪابل ايئرپورٽ تي خدمتن جي بحالي لاءِ افغان سول ايوي ايشن ۽ مقامي پي آئي اي جي عملي خاص انتظام ڪيا آهن.