اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ عالمي تنظيمن جي س??بر??هن ??ان خاص طور تي ڪشمير ۽ افغانستان سميت عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ٿ??ندڙ ڳالهه ٻولهه اطمينان جوڳي رهي آهي. هن اها ڳالهه جنرل اسيمبلي جي 76 هين سالياني اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي س??بر??هه جي حيثيت ??ان 5 ڏينهن جي دوري جي پڄاڻي تي پاڪستاني ميڊيا جي نمائندن ??ان ڳالهائيندي چئي. پرڏيهي وزير چيو ته هو سمجهي ٿ?? ته هاڻي عالمي برادري پاڪستان جي موقف کي بهتر انداز ۾ سمجهي رهي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي هڪ عالمي مدبر جي حيثيت ??ان وسيع تر معاملن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم جو خطاب مثبت ۽ تعميري هو، خاص طور تي وزيراعظم افغانستان ۾ اشرف غني حڪومت جي خاتمي ۽ طالبان جي ا??تدار ۾ واپسي جي پس منظر جا سبب ڳولڻ لاءِ چيو، وزيراعظم عالمي برادري آڏو ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارتي پروپئگنڊه جو پول کولي ڇڏيو ۽ تڪراري خطي جي حقيقي صورتحال واضح ڪري ڇڏي. وزيراعظم پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري خطي ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي هٿان انساني حقن جي منظم ۽ وسيع تر خلاف ورزين جي حوالي ??ان موثر ۽ ثبوتن تي ٻڌل جاري ڪيل ڊوزيئر جو پڻ حوالو ڏنو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي رابطا گروپ ??ان اجلاس جي نتيجن مان هو مطمئن آهي، ان اجلاس ۾ ترڪيءَ، سعودي عرب ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي ۽ ڪشمير مسئلي تي پنهنجي موقف کي ورجايو. پرڏيهي وزير پنهنجي دوري دوران آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن ??ان ملاقات سميت درجنين پرڏيهي وزيرن ??ان ملاقاتون ڪيون، آمريڪي پرڏيهي وزير ??ان پرڏيهي وزير هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ ملاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هڪ سوال تي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير ??ان ملاقات سٺي ماحول ۾ ٿي آهي ڇو ته ان ملاقات جو مقصد غلط فهمين کي ختم ڪرڻ هو. آمريڪي پرڏيهي وزير ا??ان جو موقف تفصيل ??ان ٻڌو ۽ ان کانپوءِ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي شهرين جي ا??غانستان مان انخلا ۾ تعاون ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هڪ ٻئي سوال تي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ حڪ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي حوالي ??ان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان ڏس ۾ هن تجويز ڏني ته طالبان کي ا??گيج ڪرڻ ۽ انهن کي ترغيب ڏيڻ ??ان اهو مقصد حاصل ٿي سگهي ٿ??. پرڏيهي وزير چيو ته يونٽي فار ڪنسنسز جي وزارتي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سلامتي ڪائونسل جي ري اسٽرڪچرنگ اتفاق راءِ ??ان ٿيڻ گهرجي، اجلاس ۾ سلامتي ڪائونسل جي مسقل ميمبرن جي ا??گ ۾ اضافي جي مڪمل مخالفت ڪئي وئي ۽ ان جي بدران غيرمستقل ميمبرن جي ا??گ ۾ اضافي جو مطالبو ڪيو ويو. سلامتي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي ڏس ۾ بين الحڪومتي ڳالهيون (آءِ جي ا??ن) ايندڙ مهيني شروع ٿينديون. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندو منير اڪرم ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير اسد مجيد پڻ ان موقعي تي موجود هئا.