برسلز – 07 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران ڳڻتي جوڳو آهي، عالمي برادري افغان عوام کي انساني ۽ معاشي معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري. اهي ڳالهيون هن برسلز ۾ موجود نيٽو هيڊڪوارٽر ۾ نيٽو جي سيڪريٽري جنرل جينز اس??ول??ن برگ سان ملاقات ۾ چيون. ملاقات دوران ٻطرفي گڏيل معاملن، افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ ٻطرفي تعاون سميت علائقائي معاملن تي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جون 2019ع ۾ برسلز ۾ سيڪريٽري جنرل سان ٿيندڙ ملاقات جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وز??ر چيو ته اعليٰ سطح جي سياسي ?? فوجي رابطن گڏيل مفادن جي معاملن تي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان امن جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت سمورن حل طلب مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وز??ر افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران ڳڻتي جوڳو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري افغان عوام کي انساني ۽ معاشي معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري. پرڏيهي وز??ر افغانستان ۾ پناهگيرن جي لڏپلاڻ جي خطري کي روڪڻ، افغانستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهه ۽ منشيات جو مرڪ بڻجڻ کان بچائڻ جي لاءِ طالبان سان عالمي برادري جي تعاون کي لازمي قرار ڏنو. هن چيو ته عالمي برادري جو ڌيان افعانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني بحران طرف ڇڪرائڻ جي لاءِ پاڪستان 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وز??ر ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي. سيڪريٽري جنرل اس??ول??ن برگ افغانستان ۾ نيٽو جي ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل موجودگي دوران پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو.