اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پوکيءَ جي شعبي ۾ به??ر ٽيڪنيڪ اختيار ڪري فصلن جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ تي ڌيا?? ڏئي رهي آهي، ٻجن ۽ ڀاڻ جي به??ر معيار جي پيداوار جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ خريف جي فصلن بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي و??ير سيد فخر امام، ناڻي واري وفاقي و??ير شوڪت فياض ترين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، صنعت واري وفاقي و??ير مخدوم خسرو بختيار ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي صنعت وارن صوبائي وزيرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته خريف جي فص??ن ۾ ڪپهه، چانور، مڪئي ۽ ڪمند ملڪ ۾ پوکي ويندڙ وڏيون فصلون آهن، حڪومت جي زراعت دوست پاليسين جي ڪري انهن سمورين فصلن جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جو رجحان ڏٺو پيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سٺي معيار جي ٻجن ۽ جيت مار دوائن، موثر تحقيق ۽ ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪري ملڪ ۾ زرعي شعبي کي وڌيڪ به??ر بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورين فصلن جي پيداوار کي به??ر بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.