اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) منصوبابندي، تر??ي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، ا??ان کان ڇهوڻ تي وڏو ملڪ ا??ان کان ڊنل آهي، ڪورونا تي موجوده حڪومت جي واکاڻ صحت جي عالمي اداري، عالمي اقتصادي فورم ۽ اڪانومسٽ ڪئي آهي، ا??ان پاڻ اشتهار ناهن ڇاپيا. قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي خواجه محمد آصف جي نڪتن جو جواب ڏيندي هن چيو ته مخالف ڌر کي جيڪا تڪليف ٿي رهي آهي ان جي ا??ان کي خبر آهي، ڪجهه مهينن ۾ هڪ طوفان مچائي ڇڏيو آهي ته حڪومت جا آخري ڏينهن اچي ويا آهن پر اڄ پوري قوم ڏٺو ته آرڊيننس جي توسيع ۾ ووٽنگ تي ان جا صرف 3 ميمبر اٿي بيٺا، اهي پنهنجي ميمبرن کي اٿاري بيهاري نٿا سگهن ته عوام کي ڪهڙي طرح متحرڪ ڪري سگهندا. اسد عمر چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ سندس وزيراعظم ۽ دفاع وارو وزير مالهي، ڌوٽي ۽ نائي جي اقامن تي نوڪريون ڪري رهيا هئا، هنن مسلمانن جي رت جي پياسي ۽ قاتل نريندر مودي کي پنهنجي گهر گهرايو، ان جي لاءِ ساڙهيون موڪليون، اهي ما??هو قومي سلامتي جي ڳالهه ??ند?? سٺا نٿا لڳن، اسد عمر چيو ته ڏيڍ سال پهرين جڏهن ڪورونا آيو ته هڪ صاحب جيڪو لنڊن ڀڄي ويو هو، پنهنجي سي وي کي اپ ڊيٽ ??ند?? لنڊن مان واپسي آيو پر کيس مايوسي ٿي، فرق صرف ايترو آهي ته جڏهن اهي ڊينگي تي ڪم ڪري رهيا هئا ته پاڻ پنهنجا اشتهار ڇاپي رهيا هئا، ڪورونا تي ا??ان جي واکاڻ صحت جو عالمي ادارو، عالمي اقتصادي فورم ۽ اڪانومسٽ ڪئي آهي، گذريل سروي ۾ 86 سيڪڙو پاڪستانين قرار ڏنو ته ڪورونا تي حڪومت بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) پنج پنج سال ??ڪومتون ڪيون، اهي نااهل حڪومتون هيون، 10 سالن ۾ هن ايوان مان هڪ روپئي جي تر??ياتي بجيٽ منظور ناهي ٿي، ا??ان جي حڪومت 400 ارب روپين جي تر??ياتي بجيٽ جي منظوري ڏني ۽ ايندڙ 6 مهينن ۾ وڌيڪ 600 ارب روپين جي تر??ياتي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي، هن چيو ته خواجه آصف ايڪسپائر آرڊيننس جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ان تي اسپيڪر جي رولنگ اچي چڪي آهي پر آئون اهو پڇڻ چاهيان ٿو ته هڪ ايڪسپائر سياستدان جون تقريرون ٻڌڻ ا??ان تي لازمي آهي يا نه، هن چيو ته خواجه آصف خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن جي حوالي ??ان ڳالهه ڪئي آهي، ان تي جيڪڏهن جي يو آءِ جا ميمبر ڳالهه ڪن ها ته ان ۾ وزن هجي ها، تحريڪ انصاف اڪيلي 15 تعلقا کٽيا آهن، پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ن ۽ اي اين پي گڏجي 9 تعلقا کٽيا آهن، هن چيو ته ا??ان جي اها پارٽي آهي جنهن جي اڳواڻ چيو هو ته پاڪستان طرف ميري اک ??ان ڏسندڙن کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن حڪومت دشمن جو جهاز ڪيرائي پائليٽ کي چانهه پياري ذليل ڪري ڇڏيو، ا??ان کان ڇهوڻ تي وڏو ملڪ ا??ان کان ڊنل آهي، ان جي باوجود ان پارٽي جي هڪ اڳواڻ هن ايوان ۾ چيو ته خوف ??ان ٽنگون ڏڪي رهيون هيون، هن چيو ته ملڪي سلامتي جي حوالي ??ان موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي.