لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ا??ان معاشر?? جي ڪمزور طبقن جي ترقي، ڀلائي ۽ بهتري تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، مدين?? جي رياست جو ماڊل معاشر?? جي پيڙهيل ۽ ڪمزور طبقن جو ??يا?? رکڻ تي تمام گهڻو زور ڏي ٿو. اهڙن ??يا??ن جو اظهار وزيراعظم عمران خان لاهور جنرل اسپتال جي سامهون فيروز پور روڊ تي پناهگاهه لاهور جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پناهگاهن جي رهواسين جي محفوظ ۽ آرامده قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا وڃن. ان کان اڳ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پناهگاهه لاهور ۾ 80 ماڻهن ۽ 20 عورتن جي رهڻ جي گنجائش موجود آهي ۽ اهي پناهگاهون تمام جديد شهري سهولتن ??ان آراسته آهن. انهن سهولتن ۾ استقباليه، انتظار گاهه، نگراني جو نظام، بهترين ڪچن، مردن ۽ عورتن لاءِ کاڌ?? جي جاءِ، فلٽر ٿيل پاڻي، نماز ادا ڪرڻ لاءِ مختص جڳهه، صفائي، لانڊري ۽ بجل?? جي بنا رنڊڪ فراهمي شامل آهن. احساس سينٽر شٽل سروس، معذور ماڻهن جي لاءِ سهولتن ۽ عورتن جي ڌار منزل پناه گاهه لاهور جون اهم خاصيتون آهن.