اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاگردن، مقامي آبادي ۽ سياحن جي سهولت لاءِ گلگت بلتستان ۾ انٽرني?? جو معيار، پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪ چين اقتصا??ي لنگهه خطي ۾ سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي آڻڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلتستان يونيورسٽي اسڪردو جي شاگردن ۽ استادن سان مل??قات دوران ڪيو. يونيورسٽي آف بلتستان اسڪردو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نعيم خان صدر کي تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. بريفنگ دوران هن ٻڌايو ته هن وقت يونيورسٽي جي مختلف ڪئمپسز ۾ 3200 شاگرد مختلف پروگرامن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. صدر چيو ته گلگت بلتستان جي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ ۽ صنعت جي وڌندڙ ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هنرمند گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻو پوندو، مقامي آبادي ۽ سياحن جي سهولت لاءِ گلگت بلتستان ۾ انٽرني?? جو معيار، پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته يونيورسٽيون مقامي نوجوانن جي مهارت ۾ اضافي تي ڌيان ڏين، آن لائين تعليم جو ڪاٿو وڌائي شاگردن کي مارڪيٽ ضرورتن موجب هنرمند بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ ترقي جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، حڪومت گلگت بلتستان جي ماڻهن جي معاشي صحت بهتر بڻائڻ جيل اءِ سياحت جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصا??ي لنگهه ۾ گلگت بلتستان کي مرڪزي مقام حاصل آهي، پاڪ چين اقتصا??ي لنگهه خطي ۾ سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي آڻڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ ميون جي پروسيسنگ، پيڪيجنگ ۽ معدنيات شعبي کي جديد بنيادن تي ترقي ڏيڻ معاشي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. ص??ر گلگت بلتستان جي شاگردن کي اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو.