اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪ چين حصيداري بين الرياستي لاڳاپن ۾ بي مثال آهي، اڻٿڪ گڏيل حمايت، هڪ ٻئي تي اعتماد ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي اسان جي دوستي جي تاريخ منفرد حيثيت رکي ٿي جنهن کي گذريل 7 ڏهاڪن کان ??سل درنسل اسان جي قيادت ۽ عو??م مسلسل پروان چاڙهيو آهي، اهو گڏيل ڀائيچارو هڪ مضبوط ۽ فعال سدابهار تزويراتي مددگار حصيداري ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. اها ڳالهه هن ناليواري چيني اخبار گلوبل ٽائيمز ۾ شايع ٿيندڙ هڪ مضمون ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته اسان جا رابطا عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي جي لاهن چاڙهن کان ??طعي نظر آزمايل ۽ هر وقت آهن. گذريل سال اسان جي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه ملهائڻ لاءِ عظيم الشان تقريبن اسان جي دوستي کي نئين قوت ۽ ولولو ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان جي لاءِ چين سان ??اڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهن، جنهن کي ??يا??ي ح??ايت حاصل آهي ۽ آئون اها ڳالهه پوري اعتماد سان چئي سگهان ??و ته اسان جي عوام ان دوستي جي ح??يقي قدر جو ڀرپور ادراڪ رکي ٿي ۽ ان جي وڌيڪ فروغ لاءِ جذبي سان ??نهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سرمائي اولمپڪ گيمز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو دورو ڪندو. هو پاڻ هڪ رانديگر هجڻ جي ناطي ان جذبي کي سمجهي ٿو جيڪو هڪ قوم ۾ اولمپڪس جهڙين راندين جي مقابلي سان ??يدا ٿئي ٿو، آئون سمجهان ??و ته رانديون يڪجهتي جو عنصر هونديون آهن ۽ اهي ??يا??ت کان ??ٿانهون هجڻ گهرجن. وزيراعظم ان ??ڏي ايونٽ جي ميزباني تي چين جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ سمورن شرڪت ڪندڙن جي صحت ۽ تحفظ ۽ ڪامياب راندين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.