لاهور – پهرين مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي مهانگائي جي ڪري عوام کي درپيش پريشانين جو پوري طرح احساس آهي، عالمي منڊين ۾ شين جي وڌندڙ قيمتن جي ڪري درآمدي مهانگائي جي منفي اثرن کان انهن کي بچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 10 رپيا ۽ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 5 رپين جي گهٽتائي عوام دوست قدم آهن. هڪ ڏينهن جي لاهور جي دوري دوران وزي??اع??م عمران خان سان راولپنڊي، بهاولپور، ملتان ۽ ساهيوال ڊويزنن سان تعلق رکندڙ پا??لي??مينٽ ميمبرن جدا جدا ملاقاتون ڪيون. وزي??اع??م پا??لي??مينٽ ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اهي عوام سان پنهنجو رابطو مضبوط ڪن ته جيئن انهن کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جاري مختلف سرڪاري اسڪيمن بابت وڌ کان وڌ آگاهي ڏئي سگهجي، انهن اسڪيمن ۾ نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ تحت يونيورسل هيلٿ ڪوريج، احساس ڪارڊ تحت راشن رعايت پروگرام ۽ ٻين غريب دوست قدمن، آبادگار ڪارڊ تحت فصلن جي لاءِ قرض ۽ سستي اگهن تي معياري ٻج، ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن جي فراهمي، ڪامياب پاڪستان پروگرامن تحت هوم فنانسنگ، سستي ڪاروباري قرضن ۽ نوجوانن جي لاءِ پيشيواراڻي مهارتن ۾ تربيت شامل آهي. وزي??اع??م ان موقعي تي چيو ته حڪومت کي مهانگائي جي ڪري درپيش عوام کي پريشانين جو پوري طرح احساس آهي ۽ عالمي منڊين ۾ شين جي وڌندڙ قيمتن جي ڪري درآمدي مهانگائي جي منفي اثرن کان انهن کي بچائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، انهن عوام دوست قدمن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 10 رپين جي گهٽتائي ۽ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 5 رپين جي گهٽتائي شامل آهي. ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي ڪمپنيز ۽ فري لانسرز جي لاءِ 100 سيڪڙو ڇوٽ ۽ 100 سيڪڙو پرڏيهي ڪرنسي رکڻ جي ڇوٽ ۽ آءِ ٽي اسٽارٽ اپس ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڪيپيٽل گين ٽيڪس کان 100 سيڪڙو ڇوٽ شامل آهي. ان کانسواءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت ايندڙ 2 سالن ۾ ڪاروباري قرضن تي 407 ارب رپين جي سبسڊي ڏني ويندي. احساس پروگرام تحت ماهوار وظيفو 12000 رپين مان وڌائي 14000 رپيا ڪيو ويو آهي. گريجوئيٽ انٽرن شپ وظيفو 30000 رپيا ماهوار سان 2.6 ملين اسڪالرشپس جي لاءِ 38 ارب رپيا رکيا آهن. وزي??اع??م ان ڳالهه کي ورجايو ته حڪومت ٽارگيٽيڊ سبسڊيز ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪار دوست ماحول پيدا ڪري مهانگائي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. وزي??اع??م انهن کي صوبي ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يق??ني بڻائڻ جي لاءِ هيٺئين سط?? تي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.