اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻا، ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. و??ير??عظم عمران خان سان بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه ملاقات ڪئي. نيشنل گارڊ ڪمانڊر و??ير??عظم کي بادشاهه، ولي عهد ۽ بحرين جي و??ير??عظم پاران مبارڪباد وارو پيغام پهچايو. پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران بحرين جي قيادت لاءِ و??ير??عظم عمران خان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم چيو ته بحرين سان پاڪستان جا پراڻا لاڳاپا آهن جنهن جون پاڙون ايمان، قدرن ۽ هم آهنگي سان جڙيل آهن. و??ير??عظم بهتر حصيداري قائم ڪرڻ لاءِ ٻنهي طرفن جي ڪوششن کي ساراهيندي گهري ۽ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرور?? تي زور ڏنو، ڪووڊ -19 جي خلاف بحرين جي ڪامياب قدمن کي ساراهيندي و??ير??عظم عمران خان ان وبا جي دوران پرڏيهي پاڪستانين جي سارسنڀال تي بحريني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي ان رشتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرور?? تي زور ڏنو. بحرين جي نيشنل گارڊ ڪمانڊر پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پختي عزم جو اظهار ڪندي پاڪستان پاران مسلسل حماي?? تي ٿورو ادا ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻئي ملڪ سدائين مشڪل وقت ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، هن اسلامي تعاون تنظيم جي راءِ تي پاڪستان پاران گڏيل قومن ۾ 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي طور تي ملهائڻ جي پيش ڪيل تاريخي قرارداد جي من??وري تي و??ير??عظم کي مبارڪباد ڏني. و??ير??عظم کيس ٻڌايو ته هو جلد کان جلد بحرين جي بادشاهه، ولي عهد ۽ پنهنجي هم من??ب جي پاڪستان جي دوري جو من??ظر آهي، پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ روايتي، ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ڊسمبر 2019ع ۾ و??ير??عظم عمران خان جي بحرين جي دوري کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا بلندي طرف گامزن آهن.