اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر قاسم خان ??وري اڳوڻي وفاقي ڪابينا پاران قومي اسيمبلي ڏانهن موڪليل سفارتي خط سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلندي چيو آهي ته سفارتي خط پاڪستان ??ي خلاف ٻاهرين سازش آهي، گذريل ڏينهن پنهنجي رولنگ ۾ مون جيڪو ڪجهه چيو پنهنجي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ ق??م جي مفاد ۾ چيو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر قاسم خان ??وري جي صدارت ۾ ٿيو، آغاز ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب پاڪستان ??ي وزيراعظم عمران ??ان ??ي خلاف ووٽنگ ٿي چڪي آهي، منهنجي رولنگ تي ڪافي بحث ٿي چڪو آهي، مون جيڪو ڪجهه ڪيو اهو هڪ محب وطن پاڪستان ??ي حيثيت ۽ قومي اسيمبلي جي محافظ طور ڪيو، قومي سلامتي ڪميٽي ۽ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خط کي بحث هيٺ آندو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته هي خط پاڪستان ??ي خلاف سازش آهي، هن چيو ته اهو خط اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي ڏنو ويو هو هاڻي اهو خط منهنجي هٿ ۾ آهي، ان ۾ صاف لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ته پاڪستان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جيڪڏهن ڪامياب ٿي وئي ته پاڪستان کي معاف ڪيو ويندو، هن چيو ته موُن قائداعظم ۽ علامه اقبال جي خواب موجب خودمختيار پاڪستان ??ي ڳالهه ڪري ڏوهه ??اهي ڪيو، مون جيڪو ڪجهه چيو پنهنجي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ ق??م جي مفاد ۾ چيو آهي، هن اڳوڻي ڪابينا پاران ??ڳوڻي سفير کي موڪليل خط سيل بند لفافي ۾ سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو.