جده – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي وچ ۾ جمعي جي رات ملاقات ڪ??ي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم شهباز شريف جي استقبال لاءِ پا?? ٻاهر آيو، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر ڏن?? ويو. سعودي هٿياربند فوج جي دستي وزيراعظم کي سلامتي ڏني، ان کانپوءِ سعودي ولي عهد سعودي وفد سان وزيراعظم جو تعارف ڪر??يو، جڏهن ته وزيراعظم کيس پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن سان ملايو، ان کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا وفد به شريڪ ٿيا، سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي آهي .