اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي ڪويت جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر شيخ احمد ناصر الحمد الصباح ٽيليفون ڪئي ۽ پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزير?? پاڪستان ۽ ڪويت جي ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ت?? پاڪستان ۽ ڪويت جا ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن، پاڪستانين جو هڪ وڏو تعداد روزگار جي سلسلي ۾ ڪويت ۾ رهندڙ آهي ۽ هو ٻنهي ملڪن جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪ??ي رهيا آهن. هن چيو ت?? اسان ڪويت سان ٻطرفي لاڳاپن ??ي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.