اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف مشهور حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي دهشتگردي جي جعلي ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ جي قدمن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قو??ن ۽ انساني حقن واري ڪائونسل قانون ۽ انصاف کان مٿانهين ۽ انتقام تي ٻڌل ڀارتي قدمن جو نوٽيس وٺي، پاڪستان جي ??ڪو??ت ۽ عوام ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حمايت جاري رکندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته بي مثال بهادري ۽ حريت جي علامت ۽ ضمير جي قيدي ياسين ملڪ جي خلاف ڀارتي هٿڪنڊا رد ڪريون ٿا، اها ڪشميرين کي جهڪائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قو??ن ۽ انساني حقن واري ڪائونسل قانون ۽ انصاف کان مٿانهين ۽ انتقام تي ٻڌل ڀارتي قدم جو نوٽيس وٺي، ??ڪو??ت پاڪستان عالمي ۽ انساني حقن جي سمورن ادارن ۽ او آءِ سي جي فورم تي ياسين ملڪ ۽ ڪشميري قيادت جي خلاف انتقامي ڪاررواين کي پوري قوت سان اٿارين??ي، هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ناجائز ۽ غير قانوني قدمن وانگر ياسين ملڪ جي خلاف ڪيس به غير قانوني ۽ ناجائز آهي، ڄمون ۽ ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪندڙ ڀارت ڪشميرين جي نمائنده حقيقي قيادت ختم ڪرڻ جي سوچيل سمجهيل منصوبابندي تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته آزادي ڪشمير جي نشاني سيد علي گيلاني شهيد جي مڙهه کان ڊڄندڙ ڀارت ياسين ملڪ جي حق واري ڳالهه کان ڊنل آهي. اشرف صحرائي شهيد، سندس شهيد صاحبزادي سميت هزارين شهداءِ ڪشمير راءِ شماري واري تحريڪ کي حاصل ڪرڻ جي منزل جا سنگ هاءِ ميل آهن. اهي سڀ شهداءِ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غير قانوني طور تي قابض ڀارت جي ظلم ۽ بربريت ۽ رياستي دهشتگردي جو ثبوت آهن، پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته ڀارت جي ڪاري قانون ۽ عدالتي نظام عدل جي عالمي ۽ فطري گهرجن جي ابتڙ آهن، مڃيل تاريخي حقيقت آهي ته ڪنهن قو?? کي ڏاڍ ۽ رياستي دهشتگر??ي، ڪارن قانونن ۽ سزائن سان غلام نٿو بڻائي سگهجي، ناجائز ??ڪو??ت جي ڪارن قانونن سان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي غلام نٿو بڻائي سگهجي، وزيراعظم چيو ته بهادر ڪشميرين کي انهن جي بي مثال جدوجهد تي سلام پيش ڪريون ٿا جنهن ان مقصد لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، عالمي برادري گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار حل ڪرائي، پاڪستان جي ??ڪو??ت ۽ عوام ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حمايت جاري رکندي.