ڊيره غازي خان – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن جي متاثرين جي نقصانن جي ازالي لاءِ گڏيل ??رو?? جي ضرورت آهي ته ??يئن حقدار کي ان جو حق ملي سگهي، ٻوڏ متاثرين کي ملندڙ امداد انهن متاثرين تي خرچ ٿيڻ گهرجي، چيف سيڪريٽري متاثرين جون جائز ضرورتون پ??ريون ڪري، وفاقي حڪومت متاثرين جي مدد لاءِ هر وقت موجود آهي. وزيراعظم ڊيره غازي خان، راجن پ??ر ۽ لسٻيلا جي ٻ??ڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ڊيره غازي خان پ??چڻ تي کيس ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن، ريليف ۽ بحالي جي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ فوتگين تي معاوضي جي فوري ادائيگي جاري آهي، فصلن ۽ گهرن کي پهچندڙ نقصانن جي گڏيل ??رو?? ڪنداسين. ان ڏس ۾ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي کي هد??يت??ن جاري ڪيون ويون آهن. جڏهن ته فوج جي مدد لاءِ آرمي چيف سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. اهي به انهن جي معاونت ڪندا. ان گڏيل ??رو?? جو مقصد اهو آهي ته ??قدار کي ان جو حق ملي ۽ ڪو به حقدار ان کان محروم نه رهي. هن چيو ته گڏيل ??رو?? تمام فائديمند هوندي، ان جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اجلاس گهرائي انفراسٽرڪچر، روڊن، پلين، گهرن ۽ فصلن کي پهچندڙ نقصان جي ازالي لاءِ فيصلو ڪنداسين. هن چيو ته ??وام جو پئسو ڪنهن جي جاگير نه آهي، اهو پئسو انهن تي خرچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ صوبائي حڪومتن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت جي جذبي تحت پسند، ناپسند کان مٿانهون ٿي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو. بريفنگ دوران وزيراعظم پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو متاثرين جا جائز مطالبا حل ڪري. هن چيو ته ??رو?? کي سياسي پسند ۽ ناپسند کان بچائڻ لاءِ هر جڳهه تي گڏيل ??رو?? جي هدايت ڪئي آهي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خصوصي معاون عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي جا ميمبر سردار رياض محمود خان مزاري، اسلم ڀوتاڻي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز به وزيراعظم سان گڏ هئا. پنجاب اسيمبلي جو ميمبر اويس لغاري به وزيراعظم کي متاثر علائقن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي اتي ٻ??ڏ متاثرين جي جاري مدد تي تفصيلي طور تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب 104 فوتگيون ٿيون، فصل ۽ گهر تباهه ٿيا. وزيراعظم ڊيره غازي خان ۾ ٻوڏ متاثرين سان ملاقات به ڪئي.