سيالڪوٽ – 04 – آگسٽ (اي پي پي) چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر تعليم کاتي سيالڪوٽ ميان رياض ??حمد چيو آهي ته سيالڪوٽ ضلعي جي سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ 5 آگسٽ تي ڪش??ير استحصال ڏهاڙي جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. هن سمورن اسڪولن جي هيڊز کي هدايت ڪندي چيو ته ڪش??ير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ٻارن کي ڪش??ير مسئلي جي اهميت ۽ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد بابت آگاهي ڏني وڃي. هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ مرڪزي تقريب انوار ڪلب آڊيٽوريم سيالڪوٽ ۾ منعقد ڪئي ويندي.