لاهور – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فاطمه جناح انسٽيٽيوٽ آف ڊينٽل سائنسز لاهور جو دورو ڪيو ۽ اسپتال ۾ ج??ري تعميراتي ڪمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير چ??ڌر?? پرويز الاهي به ساڻس گڏ هو. صحت و??ري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ اسپتال جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر وحيد، صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي آجيان ڪئي. ڊاڪٽر ياسمين راشد صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پنجاب جي وڏي وزير چ??ڌر?? پرويز الاهي کي اسپتال ۾ ج??ري تعميراتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ان پ??اجيڪٽ جي لاءِ 100 ڪينالن تي ٻڌل ڊينٽل اسپتال جي لاءِ 2005ع ۾ زمين خريد ڪئي وئي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر وحيد ٻڌايو ت?? اسپتال جي تعميراتي ڪمن جي شروعات 2010ع ۾ ٿي. هن ٻڌايو ته هن وقت ان پ??اجيڪٽ جي لاڳت جو ڪاٿو 347.358 ملين لڳايو ويو هو، جڏهن ته 30 جون 2022ع تائين ان منصوبي تي 673.390 ملين خرچ ڪيا ويا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر وحيد ٻڌايو ته ٿري ڊي اسپتال جديد اوزا??ن ۽ سهولتن سان ليس هوندي ۽ ان کي تمام جلد مڪمل ڪيو ويندو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ت?? اسپتال ۾ ج??ري تعميراتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام ان جديد ٿري ڊي اسپتال جي سهولتن مان فائدو کڻي سگهي.