گابڪوچ – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي دوري دوران جمعي ڏينهن غذر ضلعي ۾ ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ خصوصي صلاحيتون رکندڙ هڪ اهڙي ٻارڙيءَ سان ملاقات ڪئي، جنهن تا??ي ٻوڏ دوران پنهنجي ماءُ، 6 ڀينرن ۽ ڏاڏيءَ کي وڃائي ڇڏيو. ??زي??اعظم ٻارڙيءَ جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو ۽ ٻارڙي جي والد کي ڳلي لڳائي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ??زي??اعظم ٻارڙيءَ سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته توهان جي ڏک کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ مم??ن نه آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پوري قوم توهان سان گڏ بيٺل آهي. ??زي??اعظم غذر ۾ ٻوڏ متاثرين سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ بار بار ٻارڙي جي ڏک ۽ ڪرڀ جو ذڪر ڪيو. ان موقعي تي ??زي??اعظم ٻارڙي جي تعليم ۽ علاج جي لاءِ 50 لک رپين جي رقم جو اعلان ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته ٻارڙيءَ جي نالي تي اينڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته ٻارڙي جي علاج لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن.