اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوم اڄ پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪري ٿي، جن ڀارتي جارحيت جي خلاف ملڪ جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا ??يش ڪيا، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ انهي جذبي جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هٿياربند فوج ۽ قوم متحد ٿي پنهنجي جاگرافيائي سالميت جي خلاف ڀارتي جنگي جنون کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏ??و. ??ن چيو ته تاريخي ٻوڏ جي تباهين ۽ ٻين ??سئ??ن کي منهن ڏيندي اسان کي اڄ 1965ع جي جذبي جي ضرورت آهي. قوم جو اتحاد ئي اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. هٿياربند فوج ۽ عوام جي اتحاد جي رشتي کي ٽوڙڻ جو ارادو ڪندڙ پاڪستان جو دوست نه ٿو ٿي سگهي. و??ير??عظم چيو ته اچو قوم جي اتحاد جي ان رشتي کي مضبوط بڻايون.