اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل انتونيو گوتيرس جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته سيڪريٽري ج??رل اهڙي موقعي تي دورو ڪري رهيو آهي جڏهن هڪ ڀاڱي ٽي حصو پاڪستان ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي، ان جي دوري سان دنيا پاڪستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهي کان بهتر طور تي آگاهه ٿي سگهندي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ يڪجهتي ج?? اظهار لاءِ پاڪستان اچڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل جا ٿورا مڃون ٿا. ان جو دورو پاڪستان مان ٻوڏ متاثرين جي مسئلن ۽ مشڪلاتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ 160 ملين ڊالر جي فليش فلڊ اپيل جاري ڪئي ج??ڪا ساراهه جوڳي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته هي دورو موسمياتي تبديلين جي موذي اثرن جي نتيجن جو احساس ڏيارڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته عالمي برادري کي ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن ۾ ورتل غريب ملڪن جي مدد لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو.