بيجنگ– 02 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع تي بيجنگ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ ??ي پڌرائي موجب وزيراعظم اربع تي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم جي چيني سيڙپڪارن ۽ پاڪستاني واپارين سان به ملاقات ٿيندي. وزيراعظم جي چين جي دوري جي دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سي پيڪ سميت وسيع تعاون ?? وڌيڪ فروغ جي لاءِ ڳالهه ??ولهه ??يندي. وزيراعظم جو اهو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو وزارت عظمي جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ چين جو پهريون دورو آهي. وفاقي وزير، خصوصي معاون ۽ اعلي سرڪاري آفيسرن تي ٻڌل وفد به چين جي دوري تي وزيراعظم سان گڏ آهي.