اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ڪارڪردگي ۽ پيداوار ۾ ??ضا??ي جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي ۽ جدت آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ??اڪ??تان جي دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ترقي جي وڏي صلاحيت موجود آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??اڪ??تان آرڊيننس فيڪٽريز واه جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر کي ??اڪ??تان جون دفاعي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ??اڪ??تان آرڊيننس فيڪٽري جي ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. هن چيو ته جديد ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري ۽ انساني وسيلن جي سگهه مسلسل ??ضا??ي سان ان صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو. صدر چيو ته موجوده منڊين ۾ پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ چين سپلائي جي شعبي جي ڪارڪردگي ۾ ??ضا??و ضروري آهي. ??اڪ??تاني دفاعي مصنوعات اعليٰ معيار رکندڙ، موثر، مختلف حالتن ۾ قابل اعتماد ۽ گهٽ قيمت آهن. صدر ??اڪ??تان جون دفاعي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ??اڪ??تان آرڊيننس فيڪٽري جي ڪردار کي ساراهيو. هن ??اڪ??تاني فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ايجنسين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ فيڪٽري جي ڪردار کي ساراهيو. صدر آرڊيننس فيڪٽري جي مختلف حصن جو دورو ڪيو جتي هن کي پيداواري عمل تي بريفنگ ڏني وئي. ڊاڪٽر عارف علوي تيار ڪيل ۽ ڊسپلي تي موجود مختلف دفاعي مصنوعات ۾ گهري دلچسپي ورتي.