اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ع??را?? خان کي گولي نه ڏک لڳو آهي، ان جو لا??گ مارچ ورڪ فرام هوم ۾ بدلجي ويو آهي، ع??را?? خان جي سياست جي لنڪا ٻڏي چڪي آهي، اسان جي گه??يء?? اسان کي وقت ٻڌائي ٿي، ع??را?? خان جي گه??يء?? ان جي اوقات ٻڌائي ڇڏي آهي، حرم شريف جي عڪس واري گه??يء?? ع??را?? نيازي ڀڳڙن جي اگهه ۾ وڪرو ڪئي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ ع??را?? خان جي خطاب سان يقين ٿي ويو آهي ته ع??را?? خان کي ڪا گولي ناهي لڳي، ع??را?? خان کي ڏک آهي ته سندس لا??گ مارچ ورڪ فرام هوم ۾ تبديل ٿي ويو آهي. هن چيو ته ع??را?? خان صحتمند آهي ۽ هو الزام بازي ڪري رهيو آهي، عوام پاڳل ۽ بيوقوف نه آهي، جيڪا ان جي ڳالهين ۾ اچي وڃي. هن چيو ته جنهن وقت ع??را?? خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ آئي ته هن ان کي آمريڪي سازش جو نالو ڏنو، ع??را?? خان هڪ ٻهروپيو آهي، هو ڪوڙ ڳالهائي سمجهي ٿو ته عوام سندس ڪوڙ کي سچ مڃي وٺندي. هن چيو ته ع??را?? خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ آئيني طريقي سان آئي، جيڪا ڪامياب ٿي. ع??را?? خان جي اتحادين ان جي خلاف ووٽ ڏنا، ان جي پارٽي جا ميمبر اهو ڄاڻيندي ته اسان نااهل ٿي سگهون ٿا، ان جي خلاف ووٽ ڏنو. هن چيو ته پنهنجي اقتدار کي بچائڻ جي لاءِ ع??را?? خان بند ڪمري ۾ آرمي چيف کي تاحيات توسيع ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر ڪمري کان ٻاهر مير جعفر، مير صادق ۽ نيوٽرل ته جانور هوندو آهي، جهڙا بيان ڏنا. هن چيو ته ع??را?? خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ مخالف ڌر پيش ڪئي، ان وقت جي سپيڪر اها رٿ جمع ڪئي، ان تي بحث ڪرائڻ ۽ ووٽنگ جي اجازت ڏني، جڏهن ع??را?? خان کي يقين ٿي ويو ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي رهي آهي ته هن ٻاهرئين سازش جو بيانيو اختيار ڪيو، پهرين ع??را?? خان بي اعتمادي رٿ کي آمريڪي سازش جو نالو ڏنو ۽ پوءِ ان تي يوٽرن وٺي ڇڏيو. هن چيو ته ع??را?? خان جي خلاف جڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ لڳي ته هن چيو ته هو ملڪ بند ڪري ڇڏيندو، هن آئيني عهدن تان آئين شڪني ڪرائي، سائفر سان کيڏڻ جو چيو، هن پنهنجي دور ۾ پرڏيهي پاليسي جو جنازو ڪڍيو، ملڪي مفادن کي وڪرو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. جڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي رهي هئي ته ع??را?? خان نه رڳو وفاق پر پنجاب ۾ به آئين شڪني ڪرائي. هن چيو ته اڄ ايبسليوٽلي ناٽ چوندڙ شخص آمريڪا کان معافيون وٺڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته ع??را?? خان ڪوڙ ڳالهائي ۽ ويس بدلائي عوام کي بيوقوف بڻائي ٿو، ع??را?? خان عوام آڏو مديني جي رياست بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ پوئين دروازي کان وارداتون ڪيون، توشه خانه جون گهڙيون خريد ڪرڻ کانسواءِ وڪرو ڪيون، هن توشه خانه ۾ دڪان لڳائي رکيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي گه??يء?? اسان کي وقت ٻڌائي ٿي جڏهن ته ع??را?? خان جي گه??يء?? ان جي اوقات ٻڌائي ڇڏي آهي، ع??را?? خان حرم شريف جي عڪس واري گه??يء?? ڀڳڙن جي اگهه تي وڪرو ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ع??را?? خان پنهنجي مٿان لڳندڙ الزامن تي چيو ته هو يو اي اي ۽ برطانيا وڃي ڪيس ڪندو. اڄ 38 ڪلاڪ گذري ويا ۽ ع??را?? خان جي قانوني مشاورت مڪمل ناهي ٿي، ع??را?? خان وڪيلن جي فيسن تي پئسو لڳائڻ ۽ برطانيا وڃي ڪيس ڪرڻ بدران رسيون ڏي. هن چيو ته ع??را?? خان گه??يء?? چوري ڪئي، توشه خانه ۾ پئسا جمع نه ڪرايا، هن اها گه??يء?? عمر فاروق کي وڪروڪئي، ان جي هينڊلرز ??هز??د اڪبر ۽ فرح گوگي گه??يء?? جو سودو ڪرايو. گه??يء?? جي وڪري سان ملندڙ پئسو ڪيش جي صورت ۾ چارٽرڊ جهاز ذريعي مني لا??ڊرنگ ڪري آندو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ع??را?? خان پنهنجي سياسي مخالفن تي الزام هڻي انهن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو، پنهنجي چار سالن دوران هن سياسي مخالفن کي جيلن ۾ وڌو، نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي قيادت کي جيلن ۾ وڌو، 40، 40 سالن جو حساب گهريو ۽ ع??را?? خان جي ئي دور ۾ عدالتن کيس بيلز ڏنيون، اڄ ع??را?? خان چوي ٿو ته ان وٽ نيب نه هو، ع??را?? خان وٽ نيب نه نيب چيئرمين جي وڊيو هئي جنهن تي نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪيوويو، ع??را?? خان ڪهڙي سستي انصاف جي ڪري رهيو آهي؟ هو چار سال حڪومت ۾ هو، 10 سالن کان خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ڪري رهيو آهي جتي احتساب ڪميشن 10 سالن کان بند آهي. پنجاب جي اندر سندس حڪومت آهي، اهي پنجاب جي ماڻهن کي انصاف ڇو نه ٿا ڏين؟ هن چيو ته ع??را?? خان چوي ٿو ته هو پرائيويٽ اسپتال مان ميڊيڪو ليگل ڪرائيندو ۽ ان جي ايف آءِ آر سندس مرضيءَ موجب ڪاٽي وڃي، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ملڪ جي هر شخص کي اهو حق حاصل هجڻ گهرجي. هن چيو ته ع??را?? خان سمجهي ٿو ته سندس مرضي سان قانون هلي، هو چوي ٿو جنهن شخص جو نالو وٺي، ان تي ايف آءِ آر ڪاٽي وڃي. هن چيو ته ع??را?? خان اڳ ۾ به شهباز شريف تي هتڪ عزت جو ڪيس ڪيو ۽ ڇهن سالن کان پاڻ عدالت ۾ پيش نه ٿيو. هن چيو ته ع??را?? خان توشه خانه ۾ پئسا جمع ڪرائڻ کانسواءِ گه??يء?? هينڊلر ون فرح گوگي جي هٿان وڪرو جي لاءِ موڪلي جڏهن ته هينڊلر ٽو ??هز??د اڪبر ٽيليفون تي گه??يء?? جا سودا ڪرائيندو رهيو، ع??را?? خان جي گه??يء?? وڪرو ٿي ۽ ڪيش پئسا آندا ويا جيڪي ڊڪليئر نه ڪيا ويا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف گذريل چهن مهينن دوران جنهن جڳهه تي به ويو اتي ع??را?? خان جي گهٽياپن جا داستان ٻڌايا ويا، ع??را?? خان ملڪ جي توهين ڪرائي، ملڪي مفاد وڪرو ڪيا، ع??را?? خان سي پيڪ جا پراجيڪٽس بند ڪرايا، چين جي ڪمپنين جا ڪاروبار بند ڪرايا، ترڪيءَ، يو اي اي سميت غيرملڪي سيڙپڪاري کي چار سالن تائين بند رکيو. هن چيو ته ع??را?? خان ڪرشنگ جي اجازت نه ڏئي ۽ کنڊ برآمد ڪري ملڪ ۾ کنڊ جي کوٽ پيدا ڪئي ۽ پوءِ کند جي قيمت کي وڌائي ڇڏيو. ع??را?? خان جي دور ۾ عوام آڱوٺن تي مَس جا نشان هڻي هڪ ڪلو کنڊ جي لاءِ قطارن ۾ بيٺل رهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ع??را?? خان ڪنهن سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، عوام کي پاڳل ۽ بيوقوف سمجهيو آهي؟ ع??را?? خان کي هر ڳالهه جو جواب ڏيڻو پوندو، عوام سندس اصليت ڄاڻي ٿي. هن چيو ته ع??را?? خان چئي رهيو هو ته پنجاب ۾ منهنجي حڪومت آهي پر هو ايف آءِ آر داخل نه ڪرائي سگهيا، جيڪڏهن ع??را?? خان ايترو بيوس آهي ۽ پنهنجي ايف آءِ آر پنهنجي مرضي ۽ ضد موجب نه ٿو داخل ڪرائي سگهي ته پنجاب حڪومت ختم ڪري ڇڏي، ان جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ ۾ وفاق ۽ شهباز شريف جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ هن چيو ته ع??را?? خان خيبرپختونخواهه ۾ احتساب ڪميشن جو تالو کولي، مالم جبه، هيلي ڪاپٽر ڪيس، بي آر ٽي ڪيسز کولي، ان کانپوءِ انصاف جي ڳالهه ڪري، ع??را?? خان چار سال حڪومت ڪري ويو آهي، ان جي دور ۾ تاريخي بيروزگاري ٿي، هن فارن پاليسي تباهه ڪئي، ڪشمير جو سودو ڪيو. اڄ ع??را?? خان چوي ٿو ته ماڻهو ظلم جي خلاف نڪرندا، ع??را?? خان اهو ته ٻڌائي ته ظلم ڪهڙو ٿيو آهي؟ ڇا ع??را?? خان کي الزامن تي گرفتار ڪيو ويو آهي؟ ڇا ان جي ڀينرن، ڌيئرن کي ان جي سامهون هٿڪڙيون هنيون ويون آهن؟ هن چيو ته اسان ته ع??را?? خان کان توشه خانه جي ڌاڙن، گهڙين ۽ هيرن جي چوري جو حساب گهري رهيا آهيون، اسان زمينن جي ڏيتي ليتي جو حساب گهري رهيا آهيون، اسان ايل اين جي ۽ بجلي جي منصوبن ۾ مافياز کي فائدا ڏيڻ جو حساب گهري رهيا آهيون. هن چيو ته ع??را?? خان فرنس آئل جو مافيا ويهاري رکيو هو جنهن ايل اين جي جا سودا ٿيڻ نه ڏنا، اها مافيا فرنس آئل تي پنهنجا پلانٽ هلائيندي رهي، ظلم ته اهو هجي ها ته ان کي پهرين ڏينهن ئي جيل ۾ وڌو وڃي ها. مريم اورنگزيب چيو ته ع??را?? خان ڪهڙي ظلم جي ڳالهه ڪري ٿو، ان جا ظلم ته اسان جي پارٽي ۽ اسان جي اڳواڻن برداشت ڪيا آهن. صحافين جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسحاق ڊار جي صدر سان ملاقات ٿي آهي، اسحاق ڊار صدر کي ملڪ جي معاشي صورتحال جي حوالي سان اپ ڊيٽ ڪيو آهي، ان حوالي سان ناڻي واري وزارت پاران تفصيلي پريس رليز پڻ جاري ٿي چڪي آهي. فيفا ورلڊ ڪپ جا مئچز نشر ڪرڻ جي حوالي سان هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ اي اسپورٽس کي جعلي طريقي سان رائيٽس ڏنا ويا، پي ٽي وي پنهنجي ايئرنگ رائيٽس تان آڪٽوبر 2021ع ۾ ان لاءِ هٿ کنيو هو ته جيئن اي اسپورٽس کي رائيٽس ڏئي سگهجن. هن چيو ته فيفا ورلڊ ڪپ تي پوري دنيا جون نظرون آهن، هڪ چينل کي فائدو ڏيڻ جي لاءِ ايئرنگ رائيٽس تان پي ٽي وي کي دستبردار ڪرايو ويو. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ پي ٽي وي سان ظلم ٿيو. هن ٻڌايو ته اسان جي فيفا جي انتظاميا سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته پي ٽي وي اسپورٽس ايئرنگ رائيٽس واپس حاصل ڪري. هڪ سوال تي هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري قانون موجب وزيراعظم جو استحقاق آهي، ان کي ئي آئيني فرض سرانجام ڏيندي اها مقرري ڪرڻي آهي، اهو فيصلو رستن تي نعرا هڻڻ ۽ الزام هڻڻ سان ناهي ٿيڻو. هن چيو ته ع??را?? خان جي سياست جي لنڪا ٻڏي چڪي آهي، ان جي لا??گ مارچ هاڻي ورڪ فرام هوم بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ع??را?? خان چوي ٿو ته ميڊيا تي پريشر آهي، اڄ 28 منٽ تائين ع??را?? خان ٽي وي اسڪرين تي موجود رهيو جڏهن ته ع??را?? خان پنهنجي دور ۾ پنهنجي سياسي مخالفن جي آواز کي دٻايو، صحافين جي نڪ جون هڏيون ٽوڙيون، انهن جي پيٽ ۾ گوليون هنيون، صحافين کي اغوا ڪيو. هن چيو ته عالمي صحافتي تنظيمن ع??را?? خان کي پريڊيٽر چيو. هن چيو ته عوام ع??را?? خان جي اصل مقصدن کان واقف آهي، هو عوام کي بيوقوف نه سمجهي. پي ٽي وي جي ڪيس جي حوالي سان هن چيو ته انڪوائريز فائنل اسٽيج تي آهن، ڪجهه ماڻهن عدالتن کان منع ناما حاصل ڪري رکيا آهن، هاڻي عدالت ۾ ٻڌڻي شروع ٿي چڪي آهي، عدالت قومي اداري پي ٽي وي جي رائيٽس کي ڏسندي فيصلو ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اقتدار ۾ ايندي ئي ايل اين جي جي سودن جي حوالي سان هڪ ڪميٽي ٺاهي هئي، جنهن وقت پاڪستان کي سستي اگهن تي ايل اين جي ملي سگهندي هئي، ان وقت ڇو نه سودا ڪيا ويا، اهي ڪهڙا ماڻهو هئا جن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، انهن ماڻهن جي ڌاڙن ۽ چوري جو نتيجو اڄ عوام ڀوڳي رهي آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته ”اي اسپورٽس“ کي ايڪسپريشن آف انٽرسٽ کانپوءِ لائيسنس جاري ڪيو ويو، ڪنهن کي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي، پيمرا قانون موجب لائيسنس جاري ڪرڻو هوندو آهي. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ هڪ چينل کي جعلسازي جي ذريعي رائيٽس ڏنا ويا، ايڪسپريشن آف انٽرسٽ ۾ لکيل هو ته اسپورٽس جو چينل هجڻ لازمي آهي، پر اسپورٽس چينل نه هجڻ جي باوجود ان کي بڊنگ پراسيس ۾ شامل ڪيو ويو ۽ مارڪيٽنگ ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ان جي مارڪنگ بدلائي ان کي اڳتي آندو ويو. هن چيو ته بڊنگ پراسيس کي سبوتاز ڪري ناڪام ٿيندڙ ڪمپني کي اييئرنگ رائيٽس ڏنا ويا. هڪ سوال تي هن چيو ته اسان ع??را?? خان جي چار سالن ۾ فيٽف سميت اهم معاملن تي ساٿ ڏنو، اهي خوشقسمت هئا جو انهن کي اهڙي اپوزيشن ميسر هئي جيڪا سمجهندي هئي ته قومي مفاد ڇا هوندو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ع??را?? خان پنهنجي چار سالن ۾ تاريخي قرض ورتا، اسان مهانگائي 2.3 سيڪڙو تي ڇڏي ويا هئاسين جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ ۾ 18 سيڪڙو مهانگائي هئي، 80 لک ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا هئا، هڪ ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا هئا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته جڏهن کان گه??يء?? چور جا داستان عوام آڏو آيو آهي ۽ جيڪو صحافي ان بابت ڳالهه ڪري رهيو آهي اهو ع??را?? خان جي عتاب هيٺ آهي. اهو هڪ رويو ۽ سوچ آهي، اهو پارٽي جو مسئلو نه آهي اهو ان شخص جو مسئلو آهي جيڪو ان جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي.