اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي ??ي) پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي اربع کان انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. پر??يهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بالي انڊونيشيا ۾ پنهنجي انڊونيشيائي هم منصب مسوڊي رينٽو سان ٻطرفي ملاقات ڪندو. پر??يهي وزير بالي ۾ ٻن گهڻ رخي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو جن ۾ 15 هين بالي ڊيموڪريسي فورم ۽ افغان عورتن جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس شامل آهي. بلاول ڀٽو زرداري 15 هين بالي ڊيموڪريسي فورم ۾ جمهوري قدرن جي پا??ستان جي عزم ۽ جديد دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جمهوريت جي اهميت کي اجاگر ڪندو. هو افغان عورتن جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس ۾ افغانستان ۾ پ??ئي??ار امن ۽ ترقي جي لاءِ پا??ستان جي ڪوششن بشمول معاشري جي سمورن طبقن جي لاءِ تعليم تائين برابر پهچ جي اهميت کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندو. پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دوري دوران سنگاپور جي صدر حليمه يعقوب ۽ پر??يهي وزي?? ڊاڪٽر ويوين بالاڪرشنن سان ملاقات ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پر??يهي وزير جي انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو ان اعليٰ ترجيح جو عڪاس آهي جيڪو پا??ستان آسيان ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي ڏي ٿو. پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو ٻنهي ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.