اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? مح??د شهباز شريف چيو آهي ته 16 ڊسمبر دهشتگردي خلاف پوري پاڪستان جو آواز هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، سالن کانپوءِ به ڏک آهي جيڪو وسرجي نه ٿو. اي پي ايس س??نح?? جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزير??عظ?? چيو ته هر سال 16 ڊسمبر جو ڏينهن پوري ??وم کي ان عذاب ۽ ڏک جي ياد ڏياري ٿو جڏهن دهشتگردن اي پي ايس پشاور ۾ ظلم جو داستان لکيو. سالن کانپوءِ به ڏک آهي جيڪو وسارجي نه ٿو. اڄ اي پي ايس س??نح?? جي شهيدن سان عقيدت ۽ انهن جي پونئيرن جو ڏک ونڊڻ جو ڏينهن آهي. وزير??عظ?? چيو ته پاڪستاني ??وم پنهنجي شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به نه وساريندي، 16 ڊسمبر دهشتگردي جي خلاف پوري پاڪستان جو هڪ آواز ٿيڻ جو ڏينهن آهي. هي ڏينهن پوري دنيا جي لاءِ پيغام آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون ??هن. اسان جي اها جدوجهد جاري آهي جيڪا ان لعنت جي مڪمل خاتمي تائين انهي مضبوط ارادي ۽ ثابت قدمي سان جاري رهندي.