اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي سان ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات ڪئي ۽ کيس عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ اتفاق راءِ کان آگاهه ڪيو. ا??وا?? ??در جي پريس ونگ موجب ??در آءِ ايم ايف سان معاهدي تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ يقين ڏياريو ته رياست پاڪستان حڪومت پاران آءِ ايم ايف سا?? ڪيل واعدن تي قائم رهندي. وفاقي وزير ٻڌايو ته حڪومت هڪ آرڊيننس جاري ڪري ٽي??سن جي ذريعي اضافي روينيو گڏ ڪرڻي چاهي ٿي. ??در مشورو ڏنو ته ان اهم موضوع تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ وڌيڪ مناسب هوندو ۽ فوري طور تي اجلاس گهرايو وڃي ته جيئن بل کي بنا دير قانون بڻائي سگهجي.