اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ميڊيا ج?? شعبي ۾ جاپان پاران سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي ويندي، جاپان لاءِ مختلف معاش?? شعبن ۾ سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، جاپ??ن ۽ پاڪستان جا ٻطرفا لاڳاپا ساراهه جوڳا آهن، پاڪستان جو مشڪل وقت ۾ جاپان سدائين کليل دل سان تعاون ڪ??و. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي سفير تاڪاشي ڪورائي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سندس آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.