اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اط??اع??ت ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر ??رد??س عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان محمد نواز شريف جي صحت جي حوالي سان پل پل باخبر آهي، حڪومت ڪنهن بيم??ر جي بيماري تي سياست نٿي ڪرڻ چاهي، سياست ڪرڻ جي لاءِ ٻيا ڪيترائي موضوع آهن، هو جمعي ڏينهن واپار واري صلاحڪار رزاق دائود سان گڏ پي آءِ ڊي جي ميڊيا سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهئي هئي، وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر ??رد??س عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان نواز شريف جي صحت بابت مسلسل اپ ڊيٽ وٺي رهيو آهي، وزيراعظم ئي ميان نواز شريف جي صحت بابت معلومات لاءِ ڊاڪٽر فيصل کي موڪليو آهي.