اسلام آباد – 03 211; ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصا??ي رابطا ڪم??ٽي (اي سي سي) صنعتي صارفين جي لاءِ بجلي ??ستعمال ڪرڻ جي وقتن جي بنياد تي ٽيرف اسڪيم جي خاتمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقصا??ي رابطا ڪم??ٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، روينيو واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، پاور واري خاص معاون تابش گو??ر ۽ وزيراعظم جي اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين شرڪت ڪئي.