اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان امن جي بحالي، تڪرارن کان بچاءَ ۽ پائيدار ترقي وارا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻ قومي سهڪار لاءِ پُرعزم آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي امن فنڊ جي لاءِ اعليٰ سطحي ريپلينشمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. پرڏ??هي وزير سيڪريٽري جنرل جي امن قائم ڪرڻ جي فنڊ ۾ 25 هزار ڊالر عطئي جو اعلان ڪندي چيو ته اهو عزم گڏيل قومن جي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ وارين ڪوششن لاءِ اسان جي سياسي، افرادي ۽ مالي مدد جاري رکڻ وا??ي ارادي کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته گهڻي ڀا??ي اُسرندڙ ملڪن وانگر پاڪستان ڪورونا وائرس وبا سبب سخت ??تا??ر ٿيو آهي جنهن سبب اسان جو عوامي صحت وارو نظام دٻاءُ جو شڪار ٿيو، اسان جي معيشت ??تا??ر ٿي ۽ مالي صلاحيتن ۾ گهٽتائي ٿي.