اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) سينيٽ چي??رمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته ??ال 2021ع پاڪ چين ٻه طرفي لاڳاپن جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو، پاڪ چين دوستي نه رڳو حڪومتي حڪومتي سطح تي پر عوامي سطح تي به قائم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير نانگ رانگ سان سندس رهائشگاهه تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته چين سدائين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو ۽ ٻئي ملڪ دنيا جي ??مو??ن اهم فورمن تي مختلف عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکندا آهن، سينيٽ چي??رمين چيو ته چين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري پاڪستان ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندي ۽ سي پيڪ جي ڪري پاڪستان خطي جو معاشي حب ثابت ٿيندو. هن چيو ته سي پيڪ گڏيل ترقي جا بي پناهه موقعا فراهم ڪري ٿو ۽ سي پيڪ منصوبن سان روزگار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا ميسر ايندا. سي پيڪ جي ڪري پاڪستان ۾ تعمير ۽ ترقي جي رفتا?? تيز ٿي آهي ۽ پاڪستان چين دوستي مضبوط اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ آهي