اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته اليڪشن کان اڳ گيلپ سروي ۾ 44 سيڪڙو ماڻهن جي پي ٽي آءِ، ن ليگ 12 سيڪڙو ۽ پيپلزپارٽي 9 سيڪڙو حمايت جي ??پورٽ جاري ڪئي هئي، پي ٽي آءِ ان کان وڌيڪ ڪشميرين جي ??پورٽ ۽ ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي، ن ليگ ڪشميرين جا پنج سال ضايع ڪري ڇڏيا، فاروق حيدر حڪومت انهن پنج سالن ۾ ڪشمير کي ڇا ڏنو، پي ٽي آءِ آزاد ڪشمير ۾ رڪارڊ ووٽ حاصل ڪيا، ن ليگ کانسواءِ پيپلزپارٽي، مسلم ڪانفرنس، مقامي سياسي ۽ مذهبي پارٽين جي ??ميدوارن به ووٽ کنيا، ن ليگ ڇو انهن وٽن کي نظر انداز ڪري رهي آهي، ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جو ڏهاڙيدار حمد الله محب سان ملاقاتون، مودي کي گلي لڳائڻ، حلف نامي تي نچندو ڪڏندو وڃڻ، انبن ۽ ساڙهين جي ??حفي جي ??دلي ڪشمير جو سودو ڪندڙن سان ڪشميرين حساب برابر ڪري ڇڏيو. راجا فاروق حيدر، شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ??د عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو ته عمران خان آمريڪي صدر ٽرمپ سان ملاقات دوران اکين ۾ اکيون ??جهي ڳالهه ڪئي، نواز شريف وانگر پرچيون ??ه کڻي ويو، هن چيو ته اهو عجيب منطق آهي ته جتي ن ليگ وارا کٽي وڃن اتي اليڪشن شفاف ۽ جتي هارائي وڃن تي ڌانڌلي ٿي ويندي آهي، ن ليگ کي گهرجي ??ه هو کلي دل سان چونڊ نتيجن کي تسليم ڪريو ۽ سڪون سان آئيني مدو پور?? ٿيڻ جو انتظار ڪري. هن چيو ته ن ليگ جي چونڊ مهم عمران خان تي تنقيد، الزامن کانسواءِ ڪجهه نه هئي، مريم پوري اليڪشن مهم ۾ پنهنجي چاچي مودي جو نالو نه ورتو ۽ نه ئي مودي جي پاليسين جي مذمت ڪئي، هن چيو ته ن ليگ کي هاڻي عادي ٿي وڃڻ گهرجي ڇو ته گلگت بلتستان جي ??ليڪشن مهم ۾ اهڙيون ئي وڏيون ??ڏيون دعوائون ڪيون ??يون ??ر سمورين سيٽن تي اميدوار نه بيٺل نه هئا، راجا فاروق حيدر جي ڪاميابي کي (ن) ليگ ڪهڙي نظر سان ڏسي ٿي، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حڪومت سازي جي مرحلي تي ڪم ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڪو نتيجو نه مڃي ته ان سان ڪو به فرق نه ٿو پوي، ن ليگ کي ناڪام تحريڪن جو وڏو تجرب?? ٿي چڪو آهي، هاڻي آرام ڪرڻ جي ??رورت آهي، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير ۾ تعمير ۽ ترقي جو ڄار وڇائيندي، هن چيو ته جيڪو ڪم نواز شريف ۽ شهباز نه ڪري سگهيا اهو ڪم مريم صفدر ڪجهه مهينن ۾ ڪري ڏيکاريو، ان ڳالهه جو ڪريڊٽ واقعي ئي مريم ڏانهن ويندو آهي ايتري گهٽ عرصي ۾ پوري پارٽي کي در??اء?? جي ??والي ڪري ڇڏيو.