اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا کي هدايت ڪئي آهي ته بلوچستان جي سمورن ضلعن جو دورو ڪري ته جيئن عوام ج?? مسئلن جي حل جي حوالي سان موثر قدمن کي يقيني ??ڻائي سگهجي. وزيراعظم عمران خان سان بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا ۽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي ??سپيڪر محمد قاسم خان سوري هتي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان صوبي سان بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻن??ي اڳواڻن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چونڊن خاص طور تي ڪوئيٽا کان ڪشميري پناهگيرن جي لاءِ مخصوص سيٽون کٽڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني، وزيراعظم گورنر کي هدايت ڪئي ته هو بلوچستان جي سمورن ضلعن جو دورو ڪري ته جيئن عوام ج?? مسئلن جي حل جي حوالي سان موثر قدمن کي يقيني ??ڻائي سگهجي.