اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 66 فوتگيون ٿيون جنهن مان 19 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مر??ضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن س??نٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 12 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مر??ضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 69 سيڪڙو، لاهور ۾ 49 سيڪڙو، ملتان 76 سيڪڙو ?? سرگوڌا ۾ 55 سيڪڙو مر??ض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي سراسري لحاظ کان صوابي ۾ 63 سيڪڙو، بنون ۾ 67 سيڪڙو، گجرات ۾ 63 سيڪڙو ?? سرگوڌا ۾ 57 سيڪڙو مر??ض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 56 هزار 778 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان س??ڌ ۾ 18 هزار 225، پنجاب ۾ 18 هزار 399، خيبرپختونخواهه ۾ 12 هزار 207، اسلام آباد ۾ 5 هزار 135، بلوچستان ۾ 1289، گلگت بلتستان ۾ 544 ٽيسٽ ڪيا ويا. آزاد ڪشمير ۾ 969 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 11 لک 12 هزار 236 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مر??ض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 553 مر??ض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 76 هزار 581 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 12 لک 15 هزار 881 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 33 هزار 551، بلوچستان ۾ 32 هزار 671، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 204، اسلام آباد ۾ هڪ لک 3 هزار 549، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 69 هزار 972، پنجاب ۾ 4 لک 18 هزار 196 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 47 هزار 678 مر??ض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 27 هزار 400 ٿي چڪو آهي، جن مان س??ڌ ۾ 7 هزار 210 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مر??ض اسپتالن ۾ جڏهن ته 2 مر??ض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 12 هزار 319 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 مر??ض اسپتالن ۾ ۽ 6 مر??ض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 329 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19 مر??ض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي??. ا??لام آباد ۾ ڪل 893 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مر??ض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. بلوچستان ۾ ڪل 344 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 182 فوتگيون ٿيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 727 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مر??ض ان وائرس سبب فوت ٿيا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 86 لک 82 هزار 730 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 640 اسپتالن ۾ 5 هزار 590 مر??ض علاج هيٺ آهن